جيلاني، سيد محمد صالح شاهه ثاني

جيلاني، سيد محمد صالح شاهه (ثاني): گهوٽڪيءَ جي موسيٰ شاهي خاندان جي پنجين بزرگ سيد محمد صالح شاهه ثاني ولد مبارڪ شاهه جيلانيءَ جي ولادت، جمعي جي ڏينهن جمادي الاول جي مهيني ۾ 1190هه/ 1763ع ڌاري گهوٽڪيءَ ۾ ٿي. هيءُ بزرگ سيد محمد صالح شاهه ثانيءَ جو وڏو پٽ هئڻ سان گڏ مدرس، تدريس جي مسند جو صدر ۽ سجاده نشين هو. شرافت ۽ نجابت جو مالڪ، علم، عمل، زهد ۽ تقويٰ جو سرچشمو، علم حديث ۽ فقهه جو وڏو عالم ۽ واعظ هو. هيءُ بزرگ پنهنجي وڏن جي روايت موجب جيلاني بزرگن جي درسگاهه ۾ درس ۽ تدريس ڏيندو رهيو. سندس دور 1249هه/1839ع ۾ کرڙيءَ واري جنگ لڳي. مولوي منٺار ڪتاب ’صحيح اسبطين‘ مان نقل ڪيو ته: جڏهن انگريز خراسان مان شڪست کائي سنڌ ۾ آيا ته ان وقت سيد محمد صالح شاهه جي زبان مان نڪري ويو ته ’خدا اسان کي انگريزن جي حڪومت نه ڏيکاريندو‘. انگريز اڃا سنڌ تي پوري طرح مسلط ئي نه ٿيا هئا ته هيءُ بزرگ 10 محرم 1249هه/ 1843ع تي وفات ڪري ويو. هن بزرگ جو مقبرو گهوٽڪيءَ جي شاهي خانقاهه ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو